تسنيم احمد صديقي

تسنيم احمد صديقي

تسنيم احمد صديقي

تسنيم احمد صديقي: 12 آڪٽوبر 1939ع، تي ’ميرٺ‘ ۾ جنم وٺندڙ تسنيم احمد صديقي پاڪستان جي سول سروس سان گذريل ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو لاڳاپيل رهيو. هن سياست ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪرڻ کان سواءِ سماجي شهريت ۽ سماجي ترقيات ۾ ايم. بي. اي جون ڊگريون به حاصل ڪيون. سرڪاري حيثيت ۾ ’حيدرآباد ترقياتي اداري‘ جي ڊائريڪٽر جنرل کان سواءِ ’سنڌ ڪچي آباديز اٿارٽيءَ‘ جي ڊائريڪٽر جنرل، وقف ملڪيت واري ٽرسٽ جي ڊائريڪٽر، لوڪل گورنمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتن جي سيڪريٽريءَ، فشريز کاتي حڪومت سنڌ جي سيڪريٽريءَ ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر توڙي ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ اهم ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي. تسنيم صديقي 1995ع ۾ گهٽ آمدنيءَ وارن طبقن لاءِ پنهنجي جڳ مشهور رهائشي اسڪيم ”خدا جي بستي“ تي آرڪيٽيڪچر جو ’خان اوارڊ'>آغا خان اوارڊ‘ به حاصل ڪيو. ملڪي ۽ پرڏيهي اخبارن ۽ رسالن ۾ بيوروڪريسي ۽ سماجي ترقيءَ تي ڪيترن ئي مضمونن ۽ مقالن جو ليکڪ به آهي .


لفظ تسنيم احمد صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو